سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
اسلم خواجا: صحافي، سياسي ڪارڪن ۽ ترجمي نگار اسلم خواجا ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ ڄائو. نور محمد هاءِ اسڪول مان سيڪنڊري تعليم حاصل ڪيائين. شاگردي واري زماني ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ ان جي شاگرد تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ڪم ڪيائين. صحافت جي شروعات سهيل سانگي جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ اخبار روزانه ”عوامي آواز“ ڪراچيءَ مان 1989ع ۾ ڪيائين. هڪ سال اتي ڪم ڪرڻ بعد روزاني ”ڪاوش“ جو ڪراچيءَ ۾ ٻه سال رپورٽر رهيو. 1993ع کان 1995ع تائين ”جنگ“ لاهور ۾ ٽرانسليٽر ۽ سب ايڊيٽر رهيو. 1997ع کان 2001ع تائين ”هلال پاڪستان “ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. هو 1987ع کان 1991ع تائين ايڌي فائونڊيشن جي سڌ سماءُ واري بيورو جو ڪوآرڊينيٽر، ۽ 1992ع کان 1995ع تائين ايڌي هاءِ وي پروجيڪٽ جو ڪوآرڊينيٽر رهيو. عبدالستار ايڌي سان گڏ جنگ جي ستايلن جي مدد لاءِ افغانستان به ويو. هو ايڌي فائونڊيشن ۽ ٻين اهڙن خيراتي ادارن سان ڪم ڪري چڪو آهي. ريسرچ ۽ سروي جا ڪيترائي ڪم ڪيل اٿس. هو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ۽ نالي وارن ادارن ۾ ٽرانسليٽر به رهيو. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ ۽ ترجمي نگار پڻ آهي. جن ۾ ”رولاڪ....وڌيڪ پڙهو